ڊاڪٽر زواگو

ڊاڪٽر زواگو

ڊاڪٽر زواگو

ڊاڪٽر زواگو (ڪتاب): ويهين صديءَ جي اهم روسي ناول نگار ۽ شاعر بورس پاسترناڪ (1960- 1890) جو هي جڳ مشهور ۽ دلڪش ناول آهي، جنهن ۾ ليکڪ، 1917ع جي روسي انقلاب کان پوءِ جيڪي کيس تلخ تجربا ٿيا، تن جو بيحد سچائيءَ سان ذڪر ڪيو آهي. بورس پاسترناڪ اهو محسوس ڪيو ته هي ناول روس ۾ ڇپجي نه سگهندو، ان ڪري خفيه نموني يورپ موڪلي شايع ڪرايو، جنهن تي کيس نوبل پرائيز حاصل ٿيو. پر روسي سرڪار جي دٻاءَ سبب هو نوبل پرائيز وٺڻ لاءِ وڃي نه سگهيو. اڳتي هلي هن ناول تي ڊيوڊلين (Davidlean) انگريزيءَ ۾ فلم ٺاهي، جيڪا ڪلاسڪ فلم تصور ڪئي وئي. هن ناول جا فرينچ ۽ انگريزي سميت ٻين ڪيترين ٻولين ۾ ترجما شايع ٿي چڪا آهن.
ڊاڪٽر زواگو جو انگريزيءَ مان سنڌي ترجمو نامياري ڪهاڻيڪار ۽ نقاد رئوف نظاماڻيءَ ڪيو آهي، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري، 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جي 626 صفحن تي مشتمل هن ناول جي قميت 400 روپيا آهي.


لفظ ڊاڪٽر زواگوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو